صابر علي مير ٺٽوي

صابر علي مير، ٺٽوي: مير صابر علي ناليواري شاعر مير غلام علي ‘مائل’ ٺٽويءَ جو پٽ ۽ سنڌ جي ناليواري تاريخ نويس مير علي شير قانع ٺٽويءَ جو پوٽو هو. هن ميرن جي دور جي خاتمي ۽ انگريز دؤر جي شروعات ۾ ٺٽي ۾ جنم ورتو، سندس والد ميرن جو درٻاري شاعر هو. مير صابر علي فارسيءَ ۾ تعليم حاصل ڪئي. گهر ۾ شاعراڻي ماحول هجڻ سبب ننڍپڻ ۾ ئي شاعريءَ جو آغاز ڪيائين. جڏهن انگريزن جي شروعاتي دور ۾ ئي اڳوڻي قانون تحت ڏنل جاگيرون رد ڪري وظيفا بند ڪيا ويا، تڏهن مير صابر علي پنهنجي وڏن کي مرزا عيسيٰ خان ترخان وٽان مليل پروانو سنڌ جي ڪمشنر فريئر وٽ پيش ڪري پنهنجي پٽيداري بحال ڪرائي. ان لکت تحت ٻين ڪيترن ئي خاندانن جا وظيفا پڻ بحال ٿيا. ان بعد فريئر سان سندس چڱا تعلقات رهيا، فريئر سنڌ جي گورنري ڇڏي، جڏهن بمبئي جو گورنر ٿيو تڏهن مير صابر علي کي پاڻ وٽ گهرائي ڏيڍ مهيني تائين مها بلشور جبل تي رهاڻيون ڪيائين.مير صابر عليءَ 1292هه/ 1875ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو